توتان خان نوحاڻي بلوچ

توتان خان نوحاڻي بلوچ: ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ يوسف ميرڪ ڄاڻائي ٿو ته، ”مقصود بيگ کان پوءِ سيوهڻ جو صوبيدار بختيار بيگ ترڪمان کي ڪيو ويو. هن اچڻ سان ترخانن جا بهادر ماڻهو چونڊي پاڻ وٽ رکيا ۽ مقامي ماڻهن کي سيکت ڏيڻ جو ارادو ڪيو، انهيءَ ڪم لاءِ هن ڪن جابلو ماڻهن، سميجن ۽ انڙن کي جاسوسيءَ لاءِ خفيه ملازم رکيو. اهڙيءَ ريت سميجن، انڙن ۽ نومڙين جا هزارين جوان قتل ڪرايائين ۽ باقي رهيل ماڻهن کان ڍل پيو اوڳاڙيندو هو. اهو ظلم ڏسي نوحاڻي بلوچن آواز اٿاريو، جنهن تي سرڪار پاران مٿن نافرمانيءَ جو الزام مڙهي کين سيکت ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو ويو. نوحاڻي قبيلي جي سردارن مان هڪ جو نالو توتان خان نوحاڻي هو، جيڪو وڏو بهادر ۽ دلير هو، توتان خان جڏهن اهو ٻڌو ته بختيار بيگ نوحاڻي بلوچن تي ڪاهه ڪرڻ پيو اچي ته هو پنهنجي لشڪر ۽ پنهنجي مائٽ موندر خاصخيلي ۽ يڪي خاصخيليءَ سان گڏ اچي بلوچستان گڏيو، مغل فوج وڏي تعداد ۾ هئي، جنهن سبب نوحاڻي بلوچ جنگ هارائي ويا، پر نوحاڻي بلوچن جو هڪ هڪ جوان وڏي بهادريءَ سان وڙهندي قتل ٿيندو ويو، توتان خان نوحاڻي مغل فوج جي سوين سپاهين جون سسيون لاهي ڇڏيون، آخرڪار رحمان قليءَ اچي توتان خان جي سامهون ٿيو. توتان خان ۽ رحمان قلي پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. رحمان قلي کي جيئن ته زرهه پاتل هئي. انهي ڪري توتان جو هر وار مٿس ڪارگر نه پئي ٿي سگهيو، پر رحمان قليءَ جا وار توتان خان کي زخمي ڪندا ويا، آخرڪار توتان خان نوحاڻي قتل ٿي ويو. هڪ ٻي روايت مطابق توتان خان نوحاڻي ۽ رحمان قليءَ پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا ته ڌوڪي سان مغل فوج جي ڪجهه ڪارندن لڪي پويان اچي توتان تي وار ڪيا، جنهن سبب هو شهيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو